عبدالرحمان مهيسر

عبدالرحمان مهيسر: سنڌ جو هي ناميارو سگهڙ 1 نومبر 1945ع تي حافظ محمد صالح جي گهر ڄائو. سندس ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڳوٺ رفيق مهيسر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. هن ناظره قرآن شريف ۽ پنج پاره حفظ ڪيا. انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. سگهڙائپ ۾ سندس پهريون استاد سنڌ جو مشهور سگهڙ حاجي فقير مهيسر هو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ان کانسواءِ هن پي.ٽي.وي تي به سنڌي پروگرامن جهڙوڪ: سنڌ سينگار، ڪچهري، مهراڻ رنگ، اوطاق ۽ رس رهاڻ جهڙن مشهور پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري تمام گهڻي مڃتا ماڻي. هن پنهنجي ڪتاب ‘مهيسر جي مام’ ۾ حمد، نعت، بيت، ڪافيون، ان کانسواءِ ٽيهه اکري ۾ نبي سڳوري صه جي صفت، معجزو، آجيان جا بيت، ڏور، پرولي، ڏٺ، سرتيون، ڳجهارتون پڻ تمام سهڻي انداز ۾ لکيون آهن. هن جي فن جي بلندي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي هنر شاعري’ ۾ سندس بيت ڏنا آهن. کيس حياتيءَ ۾ ئي اعزازن سان نوازيو ويو. 1985ع ۾ لطيف ايوارڊ، 1994ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ٽنڊو آدم ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ کانسواءِ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ٽرافيون شامل آهن. سنڌ جي هن نامياري سگهڙ 2007ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالرحمان مهيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.01  عيسوي

عبدالرحمان مهيسر 1 نومبر 1945ع تي حافظ محمد صالح جي گهر ڄائو. سنڌ جي هن نامياري سگهڙ 2007ع ۾ وفات ڪئي.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل بيگ خان رند
امداد علي بلوچ
شيخ محمد بخش
پانڌي پنهور
ٽالپر شيخ
پتاشو ڪلوئي
محمد عمر چنو
رحمت الله لاشاري
جهتيال محمد مٺل
پلي سگھڙ محمد عالم
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون